اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي لاهور انارڪلي ويجهو ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ڌماڪي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن ۽ زخمين ??ي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين ??ادق سنجراڻي چيو ته اهڙي طرح جي تخري??ي ڪاررواين ??ان ملڪ جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن، هن چيو ته م??ڪ دشمن عنصرن کي ملڪ ۾ قربانين ??ان حاصل ڪيل امن سبوتاز ڪرڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته سڀئي ادارا ۽ عوام کي قوم جي حيثيت سان متحد ٿي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻو پوندو.