اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ڪم کي موثر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پارليامين?? جي ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليامين?? جي آٽوميشن سان پارليامين?? جي ٻنهي ايوانن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته ان سان فوري فيصلا ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي، حڪومت مختلف ??زا??تن/ ڊويزنن کي ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، جنهن جو مقصد احتساب ۽ شفافيت کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. صدر اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سائبر ايفيشينٽ پارليامين?? جي لاءِ صدر جي قدمن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ايم اين اي شير علي ارباب، قومي اسيمبلي سيڪريٽري?? جي سيڪريٽري طاهر حسين، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪميوني??شن واري ??زا??ت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري ??زا??ت جي سيڪريٽري حامد يعقوب پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پارليامين?? جي ڊيجيٽلائيزيشن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي پي سي ون منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري ??زا??ت کي پيش ڪئي وئي آهي. اجلاس ان منصوبي ۾ شامل فني معاملن جي نگراني ۽ پارليامين?? جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ پارليامين?? جي آٽوميشن ۾ دير کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين کي چيو ته ان منصوبي کي ان جي ڏنل ٽائيم لائين يعني جنوري 2023ع کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته معلومات ۽ مواصلات جي جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهجي.