اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) بزرگ صح??في ۽ قومي خابرو اداري ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو اڳوڻو چيف ني??ز ايڊيٽر عثمان حميد خان 73 سالن جي عمر ۾ جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي عصر جي نماز کانپوءِ مغليه گارڊن واه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ رشتيدارن، ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. عثمان حميد پهرين اپريل 1948ع تي روالپنڊي جي ويجهو قصبه واهه ۾ پيدا ٿيو. هن 1968ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان انگريزي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انگريزي اخبار ني??ز ٽائيم راولپنڊي ۽ خابرو اداري اي پي پي کان پنهنجي صح??فتي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هو پهرين فيبروري 1977ع تي اي پي پي سان جڙي ويو. هن قومي خابرو اداري ۾ پنهنجي شاندار صح??فتي ڪيريئر دوران اهم نوعيت جي رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ تي چيف ني??ز ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيڻ کانسواءِ مختلف صدرن ۽ وزيراعظم سميت وي آءِ پي ڪوريج جون ذميداريون به بهترين انداز ۾ نڀايون، جنهن کي قومي اخبارن جي وڏين سرخين ۾ نمايان جڳهه ملي. هن ڪيريئر دوران ڊپلوميٽڪ ڪارسپانڊنٽ ??ور به فرض سرانجام ڏنا، سندس شاندار صح??فتي خدمتن تي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف جرنلسٽس جي اهمتام هيٺ عالمي صح??فتي مقابلي ۾ ايوارڊ سان به نوازيو ويو. هُو پنهنجي پيشيوراڻي مهارت، شف??قا??ي رويي جي بنياد تي نه رڳو اي پي پي پر صح??فتي برادري ۾ قابل احترام حيثيت رکندو هو، هو 31 مارچ 2008ع تي قومي خابرو اداري مان رٽائر ٿيو.