اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوام تي پوندڙ اڻ س??ي ٽيڪسن جي باري ۾ ??هٽ??ائي آڻڻ جي حوالي سان حل تجويز ڪيا وڃن، ڪڻڪ تي ايندڙ انتظامي خرچن جي هر رخ جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ اهڙو نظام جوڙيو وڃي ته خرچن جي مد ۾ غير ضروري طور تي ايندڙ هر روپئي جي بچت ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ ??هٽ??ائي آڻڻ جي حوالي سان حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين ??هٽ??ائي آڻڻ لاءِ مختلف تجويز ڪيل قدمن تي غور ڪيو ويو. ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۽ ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري ۽ پهچ، اسٽوريج ۽ ٻين انتظامي خرچن ۾ واضح ??هٽ??ائي آڻڻ جي لاءِ مفصل پلان جوڙڻ تي ڪم جاري آهي، ان حوالي سان تفصيلي پلان جلد وزيراعظم کي پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود وزيراعظم کي در??مد ٿيل گيهي، دالين ۽ ٻين جنسن تي ڊيوٽيز جي شرح ۽ موجوده حالتن ۾ حڪومت پاران ڏنل ڇوٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني. در??مد ٿيل گيهي وغيره تي ٽيڪسن جي حوالي سان خطي جي ٻين ملڪن جو چٽاڀيٽي جائزو به پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي حوالي سان اوگرا پاران پيش ڪيل سفارشن تي به غور ڪيو ويو، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس اولين ترجيح غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عوام تي پوندڙ اڻ س??ي ٽيڪسن جي باري ۾ ??هٽ??ائي جي حوالي سان آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن جتي غريب ماڻهو تي پوندڙ اڻ س??ي ٽيڪسن جي بار کي گهٽ ڪيو وڃي، اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي آمدني ۽ خرچن ۾ توازن برقرار رکيو وڃي ۽ ملڪ کي وڌيڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ وڃڻ کان بچائي سگهجي.