اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست انصاف ۽ انسانيت تي ٻڌل حقيقي فلاحي رياست هئي، نادرا پاران وراثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي. هتي ليٽر آف ايڊمنسٽريشن ۽ وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪن??ي هن چيو ته مديني جي رياست عوام لاءِ ٺهي هئي، وقت جي خليفي پنهنجي مٿان پئسو خرچ نه ڪيو، جيڪو عوام تي پئسو خرچ ڪن??و هو. هن چيو موجوده حڪومت به عام ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن عام شهري مستفيد ٿين، هن چيو ته نئون قانون جاري ڪيو ويو آهي، هاڻ?? و??اثتي سرٽيفڪيٽ 15 ڏينهن ۾ ملي ويندو ۽ اوورسيز پاڪستانيز به ان مان فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته ??سا?? جي ملڪ ۾ قبضا گروپ آهن جيڪي قانون جي ڀڃڪڙي ڪن??ا آهن، اوورسيز پاڪستانين جي زمينن تي قبضو ڪن??ا آهن ۽ متاثر ماڻهو پئسا ڏئي قبضو ڇڏرائيندا آهن، هن چيو ته جڏهن ??سا?? جو عدالتي نظام بهتر ڪم ڪن??و ته ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي.