اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپاري برادري تي زور ڏنو آهي ته هو ٽيڪسن جي ديانتداري سان ادائيگي ۽ ٽيڪس چوري جي روڪٿام يقيني بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، مثبت معاشي انگن اکرن سان پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن آهي، موجوده حڪومت جي پاليسين جي ڪري پاڪستان علامه محمد اقبال جي ويزن موجب مسلمان امت جي قيادت ڪن??و ۽ دنيا ۾ اهم ملڪ بڻجي اڀرندو، ملڪي ترقي جي لاءِ صحت ۽ تعل??م جي برابر موقعن سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، ڪاروباري شعبي ۾ عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي به حوصلا افزائي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن آءِ سي ا??م جي ڪانووڪيشن 2020ع کي خطاب ڪن??ي ڪيو، ص??ر چيو ته مسلسل يادگيري ڪرائي رهيو آهيان ته ڪورونا وائرس جي وبا جو ٻيو مرحلو جاري آهي، وبا جي پکيڙ جي روڪٿام جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي، ڪورونا وائرس جي وبا جي پهرين مرحلي ۾ ميڊيا آگاهي فراهم ڪئي، ماڻهن احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو.