اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پنهنجي ثقافت جي ذ??يعي تشخص کي محفوظ بڻائينداسين، اي ڪامرس جي ذ??يعي گهرن ۾ ٺاهيل شيون پوري دنيا تائين پهچائي سگهجن ٿيون، ان سان گهريلو صنع?? ۽ ??قافت به زنده رهندي آهي، ڪاروبار بهتر، قومي شناخ?? ۽ ??ياحت فروغ وٺندي آهي، ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ ثقافت سان ٿيندي آهي، اهي قومون جنهن جي ثقافت ناهي هوندي انهن جي تشخص کي نقصان پهچندو آهي. لوڪ ورثه ميلي جي حوالي سان تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته لوڪ ورثه زبردست ميلو ترتيب ڏنو آهي، ان ۾ شريڪ ماڻهن جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، هي ادارو بنيادي ??ور تي انهي مقصد جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، ان ميلي جو بنيادي مقصد پاڪستان جي عوام کي جوڙڻ، پاڪستان مختلف ثقافتن جو مجموعه آهي، ڪا به قوم پنهنجي ثقافت سان سڃاتي ويندي آهي، لوڪ ورثه پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سان نڀائي رهيو آهي.