اسلام آباد – 27 آڪ??وب?? (اي پي پي) پاڪستان سمي?? سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميري حريت پسندن سان والهاڻي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ سان ملهايو ويو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ريفرنڊم ??ري??ي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. 27 آڪ??وب?? تي پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واڪ، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ٿيا جڏهن ته ميڊيا جي ??ري??ي سڄي دنيا جي انساني حقن جي علمبردارن ۽ گڏيل قومن جي پنج وڏين طاقتن جي حڪمرانن کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو مطالبو ??يو ويو ته ڪشمير جي پراڻي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ۽ معصوم ڪشميري مسلمانن تي جاري ڀارتي فوج جي وحشياڻي ظلم ۽ تشدد جي سلسلي کي روڪيو وڃي.