اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ زراعت بابت لاڳاپيل ڪاروبار جي بهتري، زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان ۾ ??ار??نگ انڊسٽري جي فروغ لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪر?? جي ضرورت آهي، بهتر فصل لاءِ وڌ کان وڌ ٽيڪنالاجيڪل حل اختيار ڪيا وڃن. هو ايوان صدر ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ زراعت ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي وارو وزير سيد امين الحق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام وارو سيڪريٽري، شعيب صديقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) نسيم نواز به شرڪت ڪئي، وفاقي وزير سيد فخر امام اجلاس کي وزارت طرفان زراعت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته سندس وزارت زرعي شعبي ۾ روايتي طريقن ۾ تبديلي آڻ?? جي لاءِ مدد ڪندي، آءِ ٽي واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته سندس وزارت آبادگارن کي زرعي ڄا?? جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ايپليڪي??ن ٺاهيندي، ان موقعي تي زرعي شعبي کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ انهن سمورين وزارتن کي گڏجي ڪم ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ لاءِ روڊ ميپ جي تياري لاءِ قومي فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت قائداڻو ڪردار ادا ڪندي.