اسلام آباد ?? 05 ??گسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. گذريل هڪ سال کان ڀارتي غي??قا??وني والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين دٻاءُ ۽ فوجي گهيراءُ درپيش آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي هندستان پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 کي مل??وي ڪري ڇڏيو جنهن ڀارتي غي??قا??وني والاريل ڪشمير کي ڏنل خصوصي حيثيت کي ڪالعدم قرار ڏنو جتي ڪشميري گڏيل قومن جي منظور ٿيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آ??ن. ??ڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي عوام ڀرپور انداز سان شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير سان پنهنجي والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو، پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هر قسم جي ٽريفڪ جي چرپر پڻ رڪجي وئي. م??تل?? سياسي ۽ مذهبي پارٽين پاران ريلين ۽ جلسن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام کي انهن جي مرضي موجب جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.