اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) ڪابينا ج?? اقتصادي رابطا ڪم??ٽي (اي سي سي) زراعت کي ترقي ڏيڻ ۽ آبادگارن کي معاونت فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي ارب رپين جي ماليت جي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پئڪيج تحت آبادگارن کي ڀاڻ تي زرتلافي ڏني ويندي، زرعي قرضن تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آندي ويند??، ڪاٽن سيڊز ۽ سفيد مکيءَ جي خاتمي لاءِ جيت مار دوائن جي خريداري ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل ٽريڪٽرن تي سيلز ٽيڪس ۾ سبسڊي ان پئڪيج جو حصو آهي. اقتصادي رابطا ڪم??ٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪ??ر عبدالحفيظ شي?? جي صدارت ۾ ٿيو.