اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪا??ينا کي اعتماد ۾ وٺندي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي ته اسان پاڪستان جي موجوده صديءَ جي سڀ کان وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهيون، اسان جي ٽيم ڏينهن رات صورتحال کي مانيٽر ڪري ??هي آهي، وزيراعظم واضح ڪيو ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جيڪو پاڪستان کي ترجيحي بنيادن تي ضروري ??يون مهيا ڪري ??هيو آهي، ڪرونا وائرس جي عالمي، علائقائي ۽ ملڪي سطح تي صورتحال جو جائزو وٺندي وقت سر قدم کنيا پيا وڃن، عوام جي لاءِ معاشي رليف پئڪيج ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ آهي. وزيراعظم عمران خان جي ص??ارت ۾ وفاقي ڪا??ينا جو اجلاس ٿيو. ڪا??ينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪا??ينا اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا پوري قوم جي لاءِ پريشاني جو سبب آهي، اسان هر رخ جو باقاعده جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ عوامي مفاد ۾ بهترين فيصلا ڪري ??هيا آهيون.