اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام جي ??هرين مرحلي ۾ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سمورا قرض ميرٽ تي ڏنا ويندا، وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته قوم ۽ معاشرو ميرٽ کي فروغ ڏئي فلاح ۽ ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر ت?? ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ??ڪ پيغام ۾ خاص معاون ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي پروگر??م مستقبل جي ??عمارن جي ڪاميابي جي ضمانت ۽ انهن جي ترقي لاءِ اڻٽر آهي.