اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قدرتي دلڪش منظرن جي ڪري عالمي سياحت جي نقشي ۾ پرڪشش ملڪ طور اڀري رهيو آ??ي، سرڪاري ريسٽ هائوسز ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن سان تعمير ٿ??ا آهن، اهي ملڪيتون بيڪار پيل هجڻ بدران آمدني جو ذريعو هجڻ گهرجن. هو ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ بابت هڪ اجلاس جي صد??رت ڪري رهيو هو.