ر??اض -18 مارچ (اي پي پي) سعودي عر?? جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز سماجي ڪفالت مان ??ائ??و کڻندڙن لاءِ رمضان ۾ 3 ارب ريال کان وڌيڪ امداد ورهائڻ جو حڪم ڏنو. ايس پي اي خاندان جي سربراهه کي هڪ هزار ۽ فيملي ميمبر کي 500 ريال ان مد ۾ ڏنا ويندا. شاهي منظوري تحت جاري ٿيندڙ رقم سڌي ريت ??ائ??و کڻندڙ ماڻهن جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي. سعودي عر?? جي افرادي سگهه ۽ سماجي ڀلائي واري وزير انجنيئر احمد الراجحي رمضان دوران ضرورتمند شهرين جي مدد تي شاهه سلمان جي فراخدلي جي تعريف ڪئي. هن چيو ته رمضان امداد سان سماجي ڪفالت مان ??ائ??و کڻڻ ۾ سهولت ٿيندي. رمضان جون ضرورتون سٺي نموني پوريون ڪري سگهندا. ياد رهي ته بيوه، يتيم، بيروزگار ماڻهو، پيرسن ۽ معذور سماجي ڪفالت مان ??ائ??و کڻندڙن ۾ شامل آهن.