لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس ڪانسٽيبل ??بدالحميد جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي واقعي ۾ ملوث ذميوارن کي انجام تائ??ن پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب محمد شهباز شريف واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد اهلڪار ج?? بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب لاءِ صبر ج?? دعا ڪئي. وزيراعظم ??يو ته پي ٽي آءِ هميشه احتجاج جي بهاني تشدد وارو رستو اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته ان سياسي پارٽي ماضي ۾ سرڪاري ٽي وي چينل تي حملو ڪيو ۽ پارليامينٽ هائوس جو دروازو ٽوڙيو. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث سمورن ذميوارن کي انجام تائ??ن پهچائڻ جي هدايت ڪئي.