اسلام آباد-22 سيپٽمبر(اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخانو چين ۾ فوت ٿيل شاگرديا??ي جي ڪٽنب ۽ يونيورسٽي سان رابطي ?? آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته چين مان ميت ک?? واپس ملڪ آڻڻ ل??ءِ ڪجهه قانوني گهرجون آهن، جن تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته ڪمرشل اڏامن ۾ ٽرانسپورٽيشن ل??ءِ ميت ک?? محفوظ رکڻ ۽ خاص ڪري تابوت ذريعي منتقل ڪرڻ سميت ٻيا قدم کنيا ويندا، جنهن کان پوءِ ميت ک?? ملڪ موڪليو ويندو. ترجمان چيو ته پاڪستاني سفارتخاني جي مداخلت تي انشورنس ڪمپني شاگرديا??ي جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي تي رضامندي جو اظهار ڪيو آهي ۽ يونيورسٽي شاگرديا??ي جي ميت جي منتقلي جي حوالي سان خرچ برداشت ڪرڻ جي پڻ آڇ ڪئي آهي.