اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطالل?? تارڙ چيو آهي، ته ڪنهن خاص شخص لاءِ قانون سازي جو تاثر غلط آهي، تجويز ڪيل قانون سازي وسيع تر عوامي مفاد لاءِ آهي، اجتماعي سوچ سان اڳيان وڌي رهيا آ??يون. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام کي فوري انصاف جي فراهمي لاءِ گهڻي دير کان سڌارن جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان قدم کڻي رهيا آ??يون. هن چيو ته اهو تاثر بلڪل غلط آهي ته ڪنهن خاص شخصيت لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي، تجويز ڪيل قانونسازي وسيع تر عوامي مفاد لاءِ آهي. هن چيو ته ڪيسن کي اڪلائڻ ۾ ڪيترائي ڏهاڪا لڳي ويندا آ??ن، عوام کي سندن چانئٺ تي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي ۽ حڪومتي اتحادي گڏجي ويٺا آ??ن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسحاق ڊار چارٽر آف ڊيمو ڪريسي جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته اهي معاملا قومي نوعيت جا آ??ن ۽ انهن سان پوري قوم کي فائدو پهچڻ گهرجي، ڪيترائي ڀيرا ڪاز لسٽ جاري ناهي ٿيندي، نوٽيس ناهن ڏنا ويندا ۽ آرڊر جاري ٿي ويندا آ??ن، ان حوالي سان توازن برقرار رکڻ جو نظام هئڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينه جا ميمب?? موجود آهن، ترميم سان پوري قوم جو فائدو ٿيڻ گهرجي، اجتماعي سوچ سان اڳيان وڌي رهيا آ??يون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميم لاءِ پراميد ۽ پرعزم آهيون، نمبر گيم جو ڪو به مسئلو نه ٿيندو. مولانا فضل الرحمان اسان جو پراڻو اتحادي ۽ ساٿي آهي، سٺيون خبرون اينديون.