اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير محمد اسحاق ??ار توانائي جي حفاظت ۽ اقتصادي ترقي ل??ءِ پيٽروليم ش??بي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته پيٽروليم ش??بي جي مسئلن جي حل لاءِ ايڪشن پلان ت??ار ڪيا وڃن. جڏهن ته نائب وزيراعظم مقامي ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ل??ءِ مدد ملي سگهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم جي صدارت هيٺ پيٽروليم ش??بي جي اي اينڊ پي ڪمپنين کي درپيش مسئلن تي غور لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ڪيو وي??. ا?? موقعي تي مقامي ۽ پرڏيهي اي اينڊ پي ڪمپنين جي سربراهن سرڪلر قرض جي وڌڻ سبب شعبي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو .ڪميٽي جي خانگي شعبي جي ميمبرن پڻ ڊائون اسٽريم گئس شعبي بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ان جي استحڪام کي بهتر بڻائڻ لاءِ خانگي ڪمپنين لاءِ سيڪٽر کي کولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس دوران تفصيلي ڳالهين کان پوءِ پيٽروليم ڊويزن جي صنعت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.فورم پيٽروليم ڊويزن کي اوگرا آرڊيننس ۾ مناسب ترميمون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جئين گئس جي اگهن ۾ ماهوار يا ٽه ماهي بنيادن تي ايڊجسٽمينٽ لاءِ هڪ طريقيڪار متعارف ڪرائي سگهجي.سيڪيورٽي مسئلن جي حوالي سان گهرو ڊويزن کي هدايت ڪئي وئي ته اي اينڊ پي ڪمپنين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهي سهڪار لاءِ قدم کنيا وڃن.