راولپنڊي- 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان زمين کان زمين تي ما?? ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل شاهين – ٽو جو ڪامياب تجربو ڪيو. ان جو مقصد فوجي جٿن جي تربيت، مختلف فني رخن جي تصديق ۽ مختلف ذيلي نظامن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو. آءِ ايس پي آر موجب ان تجربي جو مشاهدو اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينئر آفيسرن، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آفيسرن ۽ اسٽريٽجڪ تنظيمن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن ??يو. اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن واري ڊائريڪٽر جنرل ان سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ ۾ سائنسدانن جي فني مه??رت، لگن ۽ عزم کي ساراهيو. صدر، وزيراعظم، چي??رم??ن جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس ان ڪاميابي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن ??ي مبارڪون ڏنيون.