اسلام آب??د -04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي، انهي پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ ان جي حمايت لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيون ٿا. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي غيرقانوني الحاق جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) کي رد ڪري ??ڏي?? ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ??ڏي?? ۽ علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو. هن عوام جي عز?? کي ساراهيندي چيو ته انهن جي آزادي ۽ خوداراديت واري حق جي جدوجهد سڄي خطي لاءِ هڪ روشن اميد آهي.