اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ??ما??ت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) ٽن جوابدارن، ان ??قت جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد غواث خان، مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (اڳوڻي چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي گرفتار ڪري ورتو. عدالت جي جسٽس طارق محمود جهانگير?? جوابدارن پاران داخل گرفتاري کان اڳ ??ما??ت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان ??وقعي تي اي پي پ?? جو ليگل ايڊوائيزر سينيئر قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ايف آءِ اي پاران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاهد پرويز ملڪ پيش ٿيو. سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ماتحت عدالت جوابدارن جون ??ما??تون رد ڪيون هيون ۽ جوابدار فرار ٿي ويا هئا. جوابدارن ڪرپشن جي ذريعي قومي خابرو اداري کي ڪروڙين رپين جو نقصان ??هچايو آهي تنهن ڪر?? جوابدارن جون ??ما??ت جون درخواستون رد ڪيون وڃن، عدالت جوابدارن جون ??ما??ت جون درخواستون رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي ??ما??ت رد ٿيڻ کانپوءِ غواث خان، سعد مدثر ۽ مصور عمران کي گرفتار ڪري ورتو. واضح رهي ته ايف آءِ اي ٽنه?? جوابدارن سميت اطلاعات واري وزارت جي سائبر ونگ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر بلال ظفر، اي پي پي جي اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽ ارشد مجيد چوڌري، ضياءَ الله ڀٽو (ان ??قت جو اي پي پ?? جو ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ پي اينڊ ڊي)، ميسرز تيجاري پاڪستان ??رائيويٽ لميٽيڊ، ميسرز نيو هورائيزن، ميسرز آرٽيڪ سسٽم، ميسرز ميڊيا لنڪس جا عهديدار شامل آهن، جي خلاف سيڪشن r/w 5(2) 47 PCA PPC, 471, 468, 420, 34, 409 تحت ڪيس داخل ڪيو هو. ٻئي طرف ايف آءِ اي جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد ڪارروائي ڪندي ڪرپشن، بدعنواني، فراڊ، ڏوهاري غفلت ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ ۾ ملوث ٽن سرڪاري اهلڪارن محمد غواث، سعد مدثر ۽ مصور عمران کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شروعاتي جاچ موجب جوابدارن ڪرپشن ڪندي قومي خزاني کي 124 ملين رپين جو نقصان ??هچايو. ترجمان ??وجب جوابدار ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي پروڪيورمينٽ ڪميٽ?? جو حصو هئا. جوابدارن ملي ڀڳت، دوکيبازي ۽ اختيارن کي لتاڙيندي آرٽيڪ سسٽم نالي فرم کي 113 ملين جو ڪانٽريڪٽ ڏنو. ڄاڻايل فرم جو فنانشل پروپوزل مجاز اٿارٽي کان ??نظور نه هو، جوابدارن اي جي پي آر مان بل منظور ڪرا??ڻ جي پروڪيورمينٽ ڪميٽي جا پاڻ جعلي ميٽنگ منٽس ٺاهيا، ان ??نصوبي جي مجموعي لاڳت 786.79 ملين رپيا هئي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل عدالت آڏو پنهنجي دليلن ۾ درخواستگذارن جون ??ما??تون منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي. جڏهن ته اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر محمد يعقوب مستوئي دليل ڏيندي چيو ته جوابدارن پيپرا رولز جي خلاف ورزي ڪندي قومي اداري کي ڪروڙين رپين جو نقصان ??هچايو. ??ها رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته هر درخواستگذار تي مخصوص ڪردار جو الزام هنيو ويو آهي تنهن ڪر?? جوابدارن جي ??ما??ت جون درخواستون رد ڪيون وڃن. هتي ??ها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد افضل نيازي جي سربراهي ۾ ايف آءِ اي ٽيم ان بدعنواني ڪيس ۾ ميرٽ ۽ شفافيت جي ذريعي ٺوس ثبوت گڏ ڪيا ۽ انتهائي محنت سان انڪوائري مڪمل ڪئي. ايف آءِ اي جي ترجمان ??وجب ڏوهارين کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.