اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ”اوڀ?? يروشلم سميت والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جي پاليسين ۽ طرز عمل سان پيدا ٿيندڙ قان??ني نتيجن“ تي انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي آجيان ڪئي آهي. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو واضح طور تي ثابت ڪري ٿو ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جون غيرقان??ني پاليسيون ۽ طرز عمل فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جو احترام ڪرڻ جي ذميواري جي خلاف ور??ي آهن ۽ اهو ته اسرائيل جي اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي غيرقان??ني قبضي کي ختم، غيرقان??ني آبادڪاري جون سرگرميون بند ۽ ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪري. پاڪستان جولاءِ 2023ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت ۾ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي ۽ بعد ۾ عدالت ۾ جواب به ڏنو هو. پاڪستان فيبروري 2024ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت پاران ڪيس تي ٿيندڙ زباني عوامي ٻڌڻي ۾ پڻ حصو ور??و هو. پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطينين جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ور??اءُ ڪيو ۽ اسرائيل جي غيرقان??ني حيثيت کي اجاگر ڪيو. بيان موجب پاڪست??ن عدالت جي مشاورتي راءِ تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو. اسان اميد ڪريون ٿا ته عدالت جي اها رولنگ اسرائيلي قبضي جي خاتمي، فلسطينين جي نه کسجڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم هوندو جيڪو 1967ع جي سرحدن موجب ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.