اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان عمان جي شهر مسقط ۾ دهشتگردي جي بزدلاڻي واقعي جي شديد مذمت ??ئي آهي، دهشتگردي جي واقعي ۾ 4 پاڪستانين ??ميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان عمان جي شهر واديءَ ڪبير جي مسجد امام علي بن ابي طالب ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ??ئي آهي، پاڪستان عمان کي جاچ ۽ دهشتگردن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ??ي لاءِ مڪمل تع??ون جي آڇ ??ئي آهي. ترجمان ٻڌايو ته 30 زخمي پاڪستاني مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. پاڪستان جي سفير عمران علي زخمين ??ي خيريت معلوم ڪرڻ ??ي لاءِ مقامي اسپتالن جو دورو ڪيو. پاڪستاني سفير لاشن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي وطن واپسي ??ي لاءِ عماني عملدارن سان رابطي ۾ آهي. عمان ۾ پاڪستانين ??ي سهولت لاءِ هيلپ لائين قائم ??ئي وئي آهي.