اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻطرفو واپار ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. توانائي (پيٽروليم ڊويزن) واري وزارت پاران پڌرائي موجب آذربائيجان جي اعليٰ سطحي سرڪاري وفد پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي ??يادت ۾ پاڪستاني وفد سان ملاقات ڪئي. آذربائيجان جي ??فد جي ??يادت توانائي وارو وزير پرويز شهبازوف ڪري رهيو هو. وفد ۾ آذربائيجان جو معيشت وارو نائب وزير صاحب ممدوف، ايڪسپورٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسي بابت ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر يوسف عبدالائيف، آذربائيجان جي سيڙپڪاري ڪمپني جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الوي منصوروف، ڊيجيٽل ڊيولپينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير جو صلاحڪار ايلچن ممدوف، ساڪر ٽريڊنگ جي گلوبل بزنس ڊيولپمينٽ جو سربراهه توگرال ڪوچارلي، انويسٽمنٽ پروموشن ڊپارٽمينٽ جو سينيئر اسپيشلسٽ امين گليئيف جڏهن ته پاڪستاني وفد ۾ بجلي وارو وفاقي وزير اويس لغاري، مواصلات ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، واپار وارو وفقي وزير ڄام ڪمال خان، نيشنل ڪوآردينيٽر ايس آءِ ايف سي ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ۽ وفاقي سيڪريٽريز شامل هئا. ملاقات دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ گڏيل مذهب ۽ ثقافتي رابطن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ملتان ڪاروان سرائي، صديون پراڻي رشتي جو ثبوت آهي. پاڪستاني وفد ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??اڳاپن کي وڌائڻ جي ??وقعن بابت آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??وقعن بابت تفصيلي بريف??گ ڏني. هن چيو ته گڏيل لاڳاپن کي سگه?? ڏيڻ جي ??اءِ اقتصادي رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان خطي ۾ واپاري منڊين جي ??روغ ۽ وچ ايشيا مان يورپ تائين ڦهليل اقتصادي لنگهن ۾ حصيدار بڻجڻ جو خواهشمند آهي. هن کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات خاص طور تي سون ۽ ٽامي ۾ سيڙپڪاري جي ??سيع موقعن جو ذڪر ڪيو، آذربائيجان کي کاڻين جي کوٽائي ۾ مهارت حاصل آهي، هو ان شعبي ۾ پاڪستان سان تعاون کي فروغ ڏئي سگهي ٿو. ملاقات ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان توانائي جي طلب جو تمام وڏو مرڪز آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏجي آءِ ٽي جي صلاحيت خاص طور تي مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، انساني وسيلن جي تربيت مان فائدو کڻي سگهن ٿ??. بجلي واري وفاقي وزير اويس خان لغاري بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ??وقعن بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ آذربائيجان جي سيڙپڪاري وڌيڪ منافعو ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان آذربائيجان جي صدر جي ??اڪستان جي تازي دوري دوران طئي ٿيندڙ معاهدن کي ساراهيو. هن نجي شعبي جي ??اءِ ٺوس بريفنگ جي اهميت تي زور ڏنو. آذربائيجان جي ??فد ان سلسلي ۾ پيش ڪئي ويندڙ تجويزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ورڪنگ گروپس کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرويز شهبازوف پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??وقعن بابت تفصيلي بريفنگ تي پاڪستاني وفد جا ٿورا مڃيا. هن ورڪنگ گروپ جي جلد اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستاني وفد پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سيڙپڪاري ۽ ان معاملي ي تيزي سان اڳڀرائي جي ??اءِ پنهنجي ??ڪمل عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين فوڪل پروسنز مقرر ڪرڻ، منصوبن جي چونڊ ۽ انهن کي منظوري جي ??اءِ جلد قيادت آڏو پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.