اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد ا??ام?? بن ارشد جي قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد ڪيپٽن محمد ا??ام?? جهڙن بهادر پٽن تي پاڪستان کي فخر آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته شهيد ڪيپٽن محمد ا??ام?? بهادري سان وڙهندي پنهنجي جان وطن تان نڇاور ڪئي، شهيد ڪيپٽن محمد ا??ام?? جان ڏئي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ۽ انهن جي ناپ??ڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. محسن نقوي چيو ته شهيد ڪيپٽن محمد ا??ام?? جهڙا پٽ پاڪستان جو فخر آهن، قوم پنهنجي بهادر شهيد ڪيپٽن محمد ا??ام?? جي قرباني کي هميشه ياد رکندي، سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي قيمتي رت سان امن جي آبياري ڪئي آهي. وفاقي وزير شهيد ڪيپٽن محمد ا??ام?? ??ي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو.