اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خيبر پختونخوا، ڏکڻ اوڀر س??ڌ، اتر/ ڏکڻ بلوچستان، ڏکڻ پ??جاب، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي ??يز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، تيز برسات سبب هيٺين سنڌ ۽ هيٺين بلوچستان جي هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. موسميات کاتي ??ي رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ جهڙالي رهي جڏهن ته ڪراچي سميت ڏکڻ اوڀر س??ڌ، مٿاهين خيبر پختونخ??ا ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد مطابق تربت ۾ گرمي پد 45، جيڪب آباد ۾ 44، نوڪنڊي، دالبندين ۾ 43، سبي، روهڙي، مٺي ۽ مو??ن جو ڊڙو ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.