اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سينيٽ جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، قابل عمل سفارشن کي سدائين بجيٽ ۾ شامل ڪ??و ويندو آهي. قومي اس??مبلي ج?? اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي حوالي سان سينيٽ جي سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊپٽي وزيراعظم چيو ته سينيٽ جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، حڪومت جي ذميواري آهي ته بجيٽ سينيٽ ۾ پيش ٿئي. سيد نويد قمر سچ چئي رهيو آهي ته قومي اس??مبلي بجيٽ منظور ڪندي آهي ۽ اهو اختيار اس??مبلي وٽ آهن جڏهن ته آئيني طور تي لازمي آهي ته سينيٽ سفارشون جوڙي 14 ڏينهن ۾ پيش ڪندو. هن چيو ته سينيٽ جي اس??ينڊنگ ڪميٽي اهي سفارشون تيار ڪندي آهي ج??هن ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي هوندي آهي ۽ ناڻي وارو وزير ۽ ناڻي واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هوندا آهن، سينيٽ ڪميٽي ج?? سربراهي مانڊوي والا ڪري رهيو آهي ج??هن جو تعلق پيپلزپارٽي سان آهي، اسان کي پارليامينٽ جي ٻنهي هائوسز جو احترام آهي. هن چيو ته سينيٽ آئين جي تابعداري ڪندي سفارشون پيش ڪيون آهن، جيڪي سفارشون قابل عمل آهن انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪ??و ويندو آهي، مون پاڻ 2013ع ۽ 2018ع جي وچ ۾ ان طريقيڪار تي عمل ڪ??و آهي ۽ انهي جذبي تحت هن ڀيري به سينيٽ جي سفارشن تي غور ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت جو اهو ڪم آهي ته جيڪي شيون قابل عمل آهن اهي بجيٽ ۾ شامل ڪ??ون وڃن. ان کان اڳ سينيٽ سفارشن تي بحث جي شروعات ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي ج?? ميمبر سيد نويد قمر چيو ته بجيٽ جي منظوري آئين تحت قومي اس??مبلي ج?? اختيار آهي، سينيٽ جون سفارشون سٺي ڳالهه آهي پر اهي قومي اس??مبلي ج?? اختيارن جي قيمت تي نه هجڻ گهرجن. هن چيو ته سينيٽ سفارشن تي بحث ان ئي وقت بامعنيٰ ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان کي ايتري ڊگهي دستاويز پڙهڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو موقعو ڏنو وڃي.