شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جا سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ طرف گامزن آهن. پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، حڪومت اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي، اسان جي پرڏيهي ??اڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر کان وڌي چڪا آهن، ن??ڻي واڌ 38 سيڪڙو کان وڌي وئي هئي جيڪا هاڻي گهٽ ٿي مئي ۾ 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪا??فرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسين ۾ تسلسل حڪومت جو ڪم آهي، ن??ي شعبو هاڻي ملڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته بزنس ڪا??فرنس کي چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي خطاب ڪندي چيو ته بزنس فورم ٻنهي طرفن کان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. شينزن ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ م??ال آهي. هي بزنس ڪا??فرنس ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي ??لڪن مان 500 بزنس ليڊرن جي هتي شرڪت ان جي ڪا??يابي جو ثبوت آهي. ايگزيڪيوٽو وائيس مي??ر ??ينزن ٿائو خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شينزن اچڻ جي آجيان ڪندي چيو ته گڏيل بزنس فورم ڪاروباري شخصيتن کي موثر پليٽ فارم مهيا ڪيو. ان کان اڳ ڪا??فرنس جي شروع ٿيڻ تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا.