اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته س??رڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جو عزم اڻٿڪ آهي، پاڪستان س??رڪ کي مضبوط ب??ائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب سائوٿ ايشين ايسوسيئيشن فار ريجنل ڪوآپريشن (سارڪ) جي سيڪريٽري جنرل محمد غلام سرور جيڪو پاڪستان جي پنهنجي پهرين دوري تي آهي، هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس س??رڪ جي 15 هين سيڪريٽري جنرل جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن اميد ظاهر ڪئي ته سيڪريٽري جنرل تنظيم جي بحالي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، جيئن ته سيڪريٽري جنرل س??رڪ جو تعلق بنگلاديش سان آهي، وزيراعظم بنگلاديش جي وزيراعظم جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ب??ائڻ جو خواهشمند آهي. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته س??رڪ ۾ علائقائي ترقي، واپار، تعاون ۽ حصيداري جا تمام گه??ا امڪان آهن. هن س??رڪ جي خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن س??رڪ چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان س??رڪ کي مضبوط ب??ائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. سيڪريٽري جنرل س??رڪ شاندار ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ س??رڪ کي علائقائي تعاون جي لاءِ هڪ موثر پليٽ فارم بڻائڻ جي پنهنجي عزم کان آگاهه ڪيو. هن پنهنجي وفد جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا پڻ مڃيا.