اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چنڊ تي پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ موڪلڻ تي قوم ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحي??ن کي مڃرائي رهيا آهن، ان اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم چيو ته ”آئي ڪيوب قمر“ سيٽلائيٽ خلا ۾ پاڪستان جو پهريون قدم آهي، ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحي??ن کي مڃرائي رهيا آهن. وز??را??ظم چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ڪور ڪميٽي، ان جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد، اسپارڪو سميت سموري ٽيم خاص طور تي پراجيڪٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي پاڪ چين دو??تي خوشبوئن جي سرحد کان ا??تي نڪري اڄ خلائن جي سرحد به پار ڪري چڪي آهي، 8 ملڪن مان رڳو پاڪستان جي منصوبي کي قبول ڪرڻ اسان جي سائنسدانن ۽ ماهرن جي قابليت جو اعتراف آهي، هي فني ترقي جي سفر جو تمام وڏو تاريخي لمحو آهي، ان اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي سيٽلائيٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صلاحي??ن کي وڌائيندي، سائنسي تحقيق، اقتصادي ترقي ۽ قومي سلامتي جي لاءِ نوان موقعا پڻ پيدا ڪندي. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي فرزندن ثابت ڪيو ته اهي خلائن کي به فتح ڪرڻ جي صلاحيت، جذبو ۽ مهارت رکن ٿا، الله تعاليٰ چاهيو ته 28 مئي 1998ع وانگر خلائن ۽ معاشي عروج ڪمال تي پڻ پهچنداسين. هن چيو ته مواصلاتي ڍانچي ۾ خودمختياري جي ان خواب جي مڪمل تعبير سان پاڪستان به ان شعبي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿيندو، پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جديد علم ۽ هنرمندي ۾ ترقي وقت ۽ ملڪ جي ضرورت آهي، پوري ڪوشش ۽ ڌيان آهي ته پنهنجي نوجوان نسل کي جديد علم ۽ فنون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ا??تي وٺي وڃون ته جيئن پاڪستان ايجادن جي دنيا ۾ به سڀ کان ا??تي هجي.