اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ??ابينا بلوچستان ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ ۽ افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مدي ۾ 30 ڏينهن 2024ع تائين توسيع ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي ڪارڊ هولڊر پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا جڏهن ته ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي عنصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي ه??ايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران ??اري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ??ابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ??ابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي بلوچستان ??وبي ۾ منشيات جي خاتمي جا ڪيس اڪلائڻ جي لاءِ مڪران ڊويزن ۾ هڪ اضافي خصوصي عدالت قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ??صوصي عدالت جو دائره اختيار ضلعي پنجگور، ڪيچ، گوادر، حب ۽ لسٻيلا تائين هوندو. ڪابينا هدايت ڪئي ته خصوصي عدالت ۾ سٺي شهرت جا ججز مقرر ڪيا وڃن ۽ پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. وفاقي ??ابينا سيفران ??ي سفارش تي افغان پناهگيرن جي پروف آف رجسٽريشنز (پي او آر) ڪارڊز جي مدي ۾ پهرين اپريل 2024ع کان 30 جون 2024ع تائين توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان ??وسيع سان پي او آر ڪارڊ هولڊرز پاڪستان ۾ اسڪولن، بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين سهولتن جو فائدو کڻي سگهندا، انهن پي او آر ڪارڊ هولڊرز کي غيرقانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس ڪرڻ جي پروگرام جي ٽئين مرحلي ۾ پنهنجي وطن واپس موڪليو ويندو جڏهن ته بنا ڪنهن سڃاڻپ ڪاغذن جي پاڪستان ۾ رهندڙ غيرملڪي رهواسين کي وطن واپس موڪلڻ جو پهريون مرحلو جاري آهي. نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري ڪابينا کي پي آءِ اي جي نجڪاري عمل تي تازي اڳڀرائي جي حوالي سان ??گاهه ڪيو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ان ??والي سان 2 اپريل تي قومي اخبارن ۾ اظهار دلچسپي جا اشتهار شايع ٿي چڪا آهن جن جي آخري تاريخ 3 مئي آهي ۽ هيستائين ڪيترين ئي ڪمپنين پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. ڪابينا پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت جي عنصر کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ جي ه??ايت ڪئي. ايوي ايشن جي سيڪريٽري ڪابينا کي پاڪستان ??ي هوائي اڏن خاص طور تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ سهولتن جي بهتري جي تازي قدمن تي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هوائي اڏن تي سروس ڪائونٽرز ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ سهولتن جي وڌيڪ بهتري تي ڪم جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ سمورين ڌرين سان ڊرون پاليسي جي حوالي سان مشاورت حتمي مرحلي ۾ آهي ۽ جلد ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. وفاقي ??ابينا انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مئنيجمينٽ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (آءِ سي ايم اي پي) جي بورڊ جي چار ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ??ابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 18 اپريل 2024ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.