اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو آه??، ان جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته قومي بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آه?? ۽ ٽورنامينٽس ۾ شرڪت ڪري اکين کان محروم ڪرڪيٽرز جي حوصلا افزائي ڪئي آه??. هن چ??و ته پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم دنيا کي خصوصي ماڻهن جي شاندار صلاحيتن کان متعارف ڪرايو، تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ بلائ??ڊ ڪرڪيٽ خصوصي ڌيان ۽ سڃاڻپ حاصل ڪئي آه??. صدر چيو ته پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلن جي فروغ ۽ انعقاد جي لاءِ سرگرم هجڻ خوش آئنده آه??، بلائنٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀرپور حوصلا افزائي جي ضرورت آه??. هن چ??و ته بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي جدوجهد ۽ ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڪرڪيٽرز جي متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي کي ساراهڻ گهرجي. ان موقعي تي ٽيم مئنيجمينٽ صدر کي ٽيم جي تازي ڪارڪردگي بابت بريف ڪيو. پاڪستان بلائ??ڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ميمبرن حوصلا افزائي تي صدر ۽ خاتون اول جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ خاتون اول ثمينه عارف علوي پڻ موجود هئي.