اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏيڻو پوندو، ??يج??ٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جي فروغ جي لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن ڊسپلي سينٽر قائم ڪري بهترين ڪوشش ڪئي آهي. اها ڳالهه هن پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن (DEMP) پاران قائم ڪيل پهرين ڊسپلي سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي وزير چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن 2012ع ۾ ٻن ادارن جي انضمام سان قائم ٿيو، ڊائريڪٽوريٽ آف فلم پبلي ڪيشن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ موجود هو. ه?? چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشن تمام ئي ناياب قسم جا ڪتاب ۽ تصويرون شايع ڪري رهيو آهي. هن اداري جون پبلي ڪيشنز قائداعظم جي ??زا??، شڪر پڙين، لوڪ ورثه ۽ عام مارڪيٽ ۾ پڻ دستياب آه??. ه?? چيو ته DEMP جا ڊسپلي سينٽر ٻين جاين تي پڻ قائم ڪيا ويندا. نگران وفا??ي وزير چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن ماڻهن ۾ پڙهڻ لکڻ ۽ تحقيق جو رجحان گهٽ ٿي رهيو آهي، هن اداري عوام ۾ تحقيق جي رجحان کي فروغ ڏنو، ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ DEMP جي پوري ٽيم تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ ٿوري وقت ۾ ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو جنهن تي ان جا ٿورا مڃون ٿا. ه?? چيو ته ڊسپلي سينٽر ۾ رکيل ڪتاب ۽ پبلي ڪيشنز اعليٰ معيار جون آه??. ه?? چيو ته ??يج??ٽل ميڊيا جي دور ۾ نوجوانن ۾ علم جو فروغ لازمي آهي.