اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز تر انصاف جي فراه??ي ۾ محتسب جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان ??ي پهچ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و آهي. صدر وفاقي محتسب جي آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي صدر کي محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب صدر کي ٻڌايو ويو ته محتسب سال 2023ع ?? 193028 شڪايتن جو ازالو ڪيو جڏهن ته متاثرين کي 4.898 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو. وفاقي محتسب 2023ع دوران ??ڪارڊ 194099 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي، شڪايت تي ڪارروائي ۾ 18 سيڪڙو جو ا??اف?? ٿيو، 2022ع جي ڀيٽ ۾ شڪايتن جي ازالي ۾ 22 سيڪڙو ا??اف?? ٿيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته محتسب جي سفارشن تي 18 هزار اسٽريٽ چلڊرن جي اسلام آباد جي اسڪولن ۾ داخلا ٿي، محتسب جي 85.4 سيڪڙو فيصلن تي گذريل سال عملدرآمد ٿيو جڏهن ته ان ??رح کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن. ان کانسواءِ محتسب ۾ ٽيڪنالاجي جي وڌيڪ استعمال سان ماڻهن جي پهچ ۾ ا??اف?? ٿيو، 2023ع ۾ 48190 شڪايتون آن لائين رجسٽرڊ ٿيون جن ۾ 47 سيڪڙو ا??اف?? ٿيو. 2023ع ۾ محتسب جي موبائيل ايپ تان 22321 شڪايتون مليون جيڪو 21 سيڪڙو ا??اف?? ظاهر ڪري ٿو. وڌيڪ اهو ته سرڪاري ادارن جي خلاف ماڻهن جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ کلي ڪچهريون منعقد ڪيون ويون ۽ محتسب جي ٽيمن دورا ڪيا. بريفنگ موجب تڪرارن جي غيررسمي حل جي ذريعي 2113 معاملن کي اڪلايو ويو، اوورسيز پاڪستانين جي سهولت ۽ شڪايتن جي حل لاءِ پڻ قدم کنيا ويا. محتسب پاران ??روع ڪيل آگاهي مهم سان محتسب تائين پهچ ۾ ا??اف?? ٿيو آهي. اجلاس ۾ صدر تيز تر انصاف جي فراه??ي ۾ محتسب جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وفاقي محتسب گڊ گورننس کي فروغ ڏيڻ ۽ ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته وقت سر انصاف جي فراه??ي ۾ محتسب جي ڪردار بابت ماڻهن ۾ شعور وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي محتسب جي پهچ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان محتسب تائين ماڻهن جي پهچ بهتر بڻائڻ تي زور ڏ??و.