اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان عوامي جمهوريه چين ??ي نائب پرڏيه?? وزير سن ويڊونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين ??ي گڏيل فائدي جي لاءِ معيشت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ انساني وسيلن جي تر??ي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش و ورجاءُ ڪيو ويو. پاڪستان جي دوري تي آيل چيني نائب پرڏيه?? وزير وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ چين ??و سفير جيانگ زيڊونگ پڻ ملاقات ۾ موج??د هو. ايوان صدر جي پريس ون?? موجب صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چين هڪ تمام ئي عزيز دوست آهي جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سي پيڪ منصوبن پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي تر??ي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ چين ??و تعاون پاڪستان جي صنعتي تر??ي جي لاءِ اهم هوندو. هن چيو ته ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. هن پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ چين ??ي تعاون کي ساراهيو. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي جي لاءِ آءِ ٽي، تعليم، صحت، زراعت ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا ۽ مختلف فورمز تي تعاون ڪن ٿا. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ”ون چائنا“ پاليسي، تائيوان، هانگ ڪانگ، تبت، سنڪيانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين ??ميت سمورن بنيادي مسئلن تي چين ??ي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ان جي اصولي موقف جي حمايت ڪرڻ تي چين ??و ٿورائتو آهي. چين ??ي نائب پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي هڪ پراڻي تاريخ آهي جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. هن مارچ 2020ع ۾ ڪوويڊ 19 جي وبا دوران چين ??ي دوري تي صدر پاڪستان جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين ??ان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سندس حمايت کي سدائين ياد رکيو ويندو.