اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاڪستان پاران ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جي روشني ۾ پنهنجا غيرملڪي دورا مختصر ڪري ڇڏيا آهن. پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چ??و ته پاڪستان جي ڪارروائي ايران جي خلاف نه پر دهشتگرد تنظيمن جي خلاف هئي. پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ سدائين ڳالهه ٻولهه ذريعي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چ??و ته پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو. اڄ جي ڪارروائي جو واحد مقصد پاڪستان جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد جو تحفظ آهي، جيڪو سڀ کان مٿان??ون آهي ۽ ان تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي. ترجمان پاڪستان پاران ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ انتهائي ٺوس ۽ خاص هدف تي ٻڌل فوجي حملن جي ڪجهه ئي دير کانپوءِ جاري ڪيل پنهنجي بيان جو ورجاءُ ڪيو. هن چ??و ته نگران وزيراعظم هن وقت ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ڊيووس ۾ آهي. جڏهن ته نگران پرڏيهي وزير غيروابسته تحريڪ جي سربراهي اجلاس ۽ ٽئين سائوٿ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ يوگنڊا جي دوري تي آهي. هنن موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پنهنجي دورن کي مختصر ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان جاري صورتحال ۾ ڪنهن ٽئين ڌر جي ثالثي بابت پڇيل سوال تي چ??و ته کيس اهڙي ڪنهن به اڳڀرائي جي ڄاڻ نه آهي. هن چ??و ته پاڪستان ايران جي عوام کي دوست ۽ ڀائر سمجهي ٿو ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نٿو رکي. اميد آهي ته ٻي ڌر ب?? ان ڳالهه کي سمجهندي. هن چ??و ته پاڪستان سدائين ڳالهه ٻولهه جي رستي جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هو امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ايران سميت پاڙيسري ملڪن سان رابطا جاري رکندو. ترجمان چ??و ته ”مرگ بر سرمچار“ هڪ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن هو، جنهن ۾ ڪيترائي دهشتگرد ماريا ويا. ترجمان ميڊيا کي ٻڌا??و ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان مسلسل پنهنجي سنگين خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ايران جي اندر پاڻ کي سرمچار رکندڙ پاڪستاني ڄائي دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهن ۽ ٺڪاڻن بابت ٺوس ثبوتن سان گڏ ڪيترائي ڊوزيئرز شيئر ڪيا آهن. جيتوڻيڪ اسان جي سنگين خدشن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهي نام نهاد سرمچار ب??گناهه پاڪستانين جو وهائيندا رهيا. اڄ صبح جي ڪارروائي انهن نام نهاد سرمچارن پاران وڏي پئماني تي دهشتگردي جي ڪاررواين بابت تصديق ٿيل انٽيليجنس جي روشني ڪئي وئي. هن چ??و ته هي ڪارروائي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت هجڻ سان گڏوگڏ سڀني خطرن جي خلاف پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو به مظهر آهي. پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو. پاڪستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي ڪنهن به بهاني يا صورتحال ۾ چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ترجمان چ??و ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن بشمول ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هڪ سوال ته ڇا ايران پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان اڳ اڳواٽ اطلاع ڏنو هو؟ ترجمان چ??و ته بلڪل به ڪو اطلاع نه ڏنو هو. هن مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ پولان گبد ٽرانسميشن لائين جو حوالو ڏيندي چ??و ته پاڪستان ايران سان واپار ۽ توانائي جهڙن ڪيترن ئي موضوعن تي رابطي ۾ رهيو آهي پر ٻه ڏينهن اڳ جيڪو ٿيو اهو حيران ڪندڙ هو. غزه جي صورتحال تي هن چ??و ته 14 جنوري 2024ع انساني ضمير جي لاءِ هڪ تڪليف ڏيندڙ ڏينهن هو، اهو فلسطين جي خلاف اسرائيل جي جنگ جو 100 ??ون ڏينهن هو، جنهن غزه ۾ 24 هز??ر کان وڌيڪ جانيون وٺي ڇڏيون آهن، اهو انگ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌي رهيو آهي، اسرائيل پاران ظلمن جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. هن چ??و ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام کي وحشياڻي ڪاررواين کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن جنوري 1990ع دوران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل قتل عام جو به ذڪر ڪيو، جنهن ۾ اٽڪل 100 ماڻهو شهيد ٿيا هئا. قتل عام جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي ۽ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي ترجمان ان ڳالهه تي جو ورجاءُ ڪ??و ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.