اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ايران پاران پنهنجي فضائي حدن جي هروڀرو خلاف ورزي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي خو??مختياري ??ي اها خلاف ورزي مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ ان جا سنگين نتيجا نڪري ??گهن ٿا ۽ نتيجن جي سڄي ذميواري ??يران تي لاڳو هوندي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ??يان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ايران پاران پنهنجي فضائي هروڀرو خلاف ورزي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ 2 معصوم ٻار مارجي ويا ۽ 3 ٻارڙيون زخمي ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس چيو آهي ته اها ڳالهه وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن جا ڪيترائي چينل موجود هجڻ جي باوجود هي غيرقانوني عمل ٿيو آهي. پاڪستان پاران اڳ ۾ ئي تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزارت ۾ لاڳاپيل سينيئر عهديدار وٽ ان واقعي تي سخت احتجاج درج ڪرايوويو آهي. ان کانسواءِ ايرا??ي ناظم الامور کي به پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڪستان جي خو??مختياري ??ي ان خلاف ورزي جي سخت مذمت ڪئي وڃي ۽ اهو ته ان جي نتيجن جي ذميواري پوري ??رح سان ايران تي لاڳو ٿيندي. پاڪستان سدائين چيو آهي ته دهشتگردي خطي جي سمورن ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي جنهن جي لاءِ جامع ڪارروائي جي ضرورت آهي. اهڙي طرح جون هڪ طرفيون ڪارروايون سٺن پاڙيسري لاڳاپن موجب نه آهن ۽ اهي ٻطرفي اعتماد کي سخت نقصان پهچائي سگهن ٿيون.