اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ آفريقا پاران انصاف جي عالمي عدالت ۾ غزه ۾ فلسطي??ي عوام تي ڪيل ظلمن ۽ 1951ع جي نسل ڪشي ڪنوينشن تحت اسرائيل پاران پنهنجي ذميوارين جي خلاف ورزين بابت داخل درخواست جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان ان قانوني ڪارروائي کي وقت سر سمجهون ٿا ۽ اسرائيل کي 7 آڪٽوبر 2023ع کان فلسطي??ي عوام جي خلاف ٿيندڙ ظلمن جو حساب ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم سمجهون ٿا. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي درخواست ۾ اٿاريل خدشن جو پاڪستان پڻ اظهار ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل جي جاري فوجي جارحيت ۽ فلسطي??ي عوام جي خلاف قدم جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه ۽ نسل ڪشي ج?? برابر آهن. هن چيو ته اسان فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، اسرائيل پاران فلسطي??ي عوام جي بيدردي سا?? قتل عام جي خاتمي، غيرانساني گهيراءُ کي ختم ڪرڻ ۽ فلسطي??ي عوام کي انساني امداد جي فوري پهچ جي مطالبي ج?? ورجاءُ ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته فلسطين مسئلي ج?? واحد منصفاڻو حل جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن سا?? گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خو??مخ??يار ۽ متصل فلسطيني رياست جو ق??ام آهي ج??هن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.