اسلام آباد – 11 – جنوري (اي ??ي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي ??اءِ 15 کان 19 جنوري تائين سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيوس جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. عالمي اقتصادي فورم موجوده رجحانن ۽ چئلينجن، دنيا جي جوڙجڪ جي اڳڀرائي ۽ گڏيل پاليسي ردعمل کي جوڙڻ جي ??اءِ حڪومتي ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن جو ساليانو ميڙ آهي. هن سال جي اجلاس جي ??يم ”ري بلڊنگ ٽرسٽ“ آهي. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم ٽن اهم موضوعن واري تقريبن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ عالمي تڪرارن کي دور کي روڪڻ، عالمي نظام تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ اقتصادي ڀڃ ڊاهه کي روڪڻ شامل آهي. نگران وزيراعظم عالمي اقتصادي فورم ۾ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامز“ جي ??وضوع تي اهم خطاب به ڪندو ۽ حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.