لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي، حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي گڏيل تعاو?? جي ڪري مل?? هن وقت معاشي استحڪام ۽ بحالي جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي مختلف معاملن ۽ هيستائين ج?? اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم صوبي ۾ ڪاروباري برادري جي ڀلائي لاءِ پنجاب حڪومت جي قيادت هيٺ بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته مل?? جي باقي شهرن ۾ لاهور بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جي طرز تي ادارا تعمير ڪرڻ مل??ي معيشت جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. هن چيو ته ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي، حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي گڏيل تعاو?? جي ڪري مل?? هن وقت معاشي استحڪام ۽ بحالي جي راهه تي گامزن آهي.