اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسان?? حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسان?? حقن جون خلاف ورزيون جاري رکيون آهن، آڪٽوبر ۾ قابض فوج 17 ڪشميرين کي شهيد ۽ 10 کي زخمي ڪيو. ترجمان چيو ته ٻه سئو کان وڌيڪ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران گهرن کي تباهه ۽ 78 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اهي ڪارروايون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران انسان?? حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي عڪاسي ڪن ٿيون. ترجمان چيو ته تاريخ ثابت ڪيو آهي ته انسان?? حقن جي مقامي حالتون ۽ ا??ساني قانون جون منظم خلاف ورزيون ناقابل تصور سانحن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اهڙي طرح جي سانحي کي روڪن جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو پنهنجو غيرقانوني قبضو ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري جيڪي ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري ج?? حق کي تسليم ڪن ٿيون.