اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن واري خصوصي نمائندي مولانا طاهر اشرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ??فص??لي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني فوج پاران معصوم فلس??ين??ن تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ ات??اق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي فلس??ين??ن تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ مولانا طاهر اشرفي فلس??ين??ن خاص طور تي غزه جي صورتحال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم (ا?? آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر اشرفي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي نگران وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم مولانا طاهر اشرفي ??ي بين المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اسلامي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.