نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس اقتصادي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني پنهنجي بيلاروسي هم من??ب سرگئي ايلينڪ سان گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 78 ه??ن اجل??س جي موقعي تي ملاقات ڪئي. هنن جنوري 2023ع ۾ من??قد پاڪستان بيلاروس گڏيل اقتصادي ڪميشن جي ڇهين اجلاس دوران ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.