لنڊن – 13 – سيپ??مب?? (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لنڊن ۾ ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز ميٽنگ ۾ ماحولياتي تبديلي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير چيو ته ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ د??لت مشترڪه جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻو پوندو. جليل عباس جيلاني چيو ته د??لت مشترڪه ملڪن کي موسمياتي تبديلي پروگرام جي تجربن مان فائدو کڻڻو پوندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ نوجوانن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ تباهي جو شڪار آهن. هن موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ د??لت مشترڪه جي قومن کي گڏيل جدوجهد جي اپيل ڪئي.