گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي ??لاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ??مورن شهرين جي ??فاظت رياست جي ??ميواري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي ??ورتحال جي ??والي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي آءِ ٽي، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ اڳڀرائي جي ??والي سان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان جي ??مورن ضلعن خاص طور تي ديامر ۽ استور جي ??لعن ۾ تعليم جي ??عبي جي ڪيترن ئي مسئلن جي وقتائتي نشاندهي ۽ موثر حل ڪيا ويا آهن، تعليمي شعبي ۾ کنيل قدمن ۾ شاگردن کي غذائي فراهمي جي پروگرام، تعليمي عمارتن جي نئين سر تعمير ۽ خراب حال عمارتن جي ??حالي، استادن جي پيشيواراڻي تربيت، جديد ٽيڪنالاجي ??ي ٻڌل سمارٽ اسڪولن جي ??عمير وغيره سرفهرست آهن. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ گلگت بلتستان ۾ صحت جي ??عبي ۾ کنيل مثبت قدمن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾ نفسياتي مرضن جي وڌندڙ رجحان جي ??اتمي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال رهندڙ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي ماحولياتي ۽ سياحتي شعبن ۾ کنيل مثبت قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ ان جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي، گلگت بلتستان ۾ پن بجلي جي پيداوار جي ??قيقي صلاحيت ۽ موجوده پيداوار ۽ بجيٽ جي ??ورتحال تي پڻ بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان انتظاميا ۽ سياسي قيادت کي سمورن موجوده ترقياتي منصوبن جي ??فاديت جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ قانون ۽ انصاف ۽ امن امان جي موجوده صورتحال جي ??والي سان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن ماڻهن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي ??لاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ??مورن شهرين جي ??فاظت رياست جي ??ميواري آهي. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت بلتستان جو وڏو وزير گلبر خان، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان، آءِ جي گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شامل هئا.