اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن ۾ تعاون تي ڌيان ڏيڻ جي ضرور کي اجاگر ڪندي چيو آه?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد آه?? ته اهي لاڳا??ا مستقبل ۾ وڌيڪ وڌندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ترڪمانستان جي س??ير عطا جان مولاموف ملاقات ڪئي. سفير ترڪمانستان جي قيادت پاران نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. نگران وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران نگران وزيراعظم ان ڳاله?? تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئ?? ته اهي لاڳاپا وڌيڪ وڌندا. هن خاص طور تي واپار، توانائي، اقتصادي ۽ عوام جي سطح تي رابطن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن توانائي ۽ بجلي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ترڪمانستان جي س??ير انهن مخصوص قدمن سان گڏوگڏ ٻطرفن لاڳاپن جي مجموعي دائري ۽ سگهه کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.