اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زر??عت، معدنيات، کاڻ ک??ٽا??ي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معاشي بحالي پلان جاري ڪرڻ ۽ پاڪستان حڪومت پاران اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪا??ونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ جي تسلسل ۾ ايپڪس ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. ايپڪس ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي ڪا??ڪردگي ۽ س??مي??ارز منعقد ڪرڻ ۽ منصوبن جي افتتاح جي ذريعي امڪاني سيڙپڪارن تائين پهچ جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ايپڪس ڪميٽي وزيرن پاران ايس آئي ايف سي تحت سيڙپڪارن جي لاءِ تيار ڪيل مختلف منصوبن جو جائزو ورتو. اجلاس جي پڄاڻي تي ڪا??ائتي ڳالهه ٻولهه ۽ ??تف??ق راءِ کانپوءِ وزيراعظم زر??عت، معدنيات، کاڻين جي ک??ٽا??ي، آءِ ٽي ۽ توانائي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ دلچسپي ڏيکاريندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن.