اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو آصف ??را??ي هن وقت افغانستان جي دوري تي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي جي حيثيت سا?? پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ هي س??دس افغانستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي. هن چيو ته آصف ??را??ي دوري دوران افغانستان جي وقتي نائب وزيراعظم ملا عبدالڪبير، وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي، واپار واري ??قتي وزير نورالدين عزيزي، صحت واري ??قتي وزير ڊاڪٽر قلندر عباد ۽ اعليٰ تعليم واري ??قتي وزير شيخ ندا سا?? ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن کي شامل ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي افعانستان بابت خصوصي نمائندي ملاقاتن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغانستان سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان دلچسپي جي سمورن معاملن تي عبوري افغان حڪومت سا?? فعال طور تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندو.