اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ين??ارڪ ۾ عراقي سفارتخاني سامهون قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازي واقعي تي سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستاني ان واقعي تي شديد ڏک ۽ تڪليف ۾ آهيون، ان مڪروهه ۽ شيطاني واقعن جو بار بار ٿيڻ بين المذاهب لاڳاپن کي مجروح ڪرڻ، امن ۽ هم آهنگي کي نقصان پهچائڻ ۽ مذهبي نفرت ۽ اسلامو فوبيا کي فروغ ڏيڻ جو ڪڌو ارادو رک?? ٿو. هن حڪومت ۽ خاص طور تي مذهبي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي اهڙن ڪڌن طريقن کي ختم ڪري. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اچو اسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي اربين ماڻهن جي جذبن کي ٺيس پهچائڻ نه ڏيون ۽ انهن کي انهن جي ڪڌي ايج??ڊا تي عمل نه ڪرڻ ڏيون.